عطاءُ الله خان مينگل

عطاءُ الله خان مينگل

عطاء الله خان مينگل

عطاءُ الله خان مينگل: بلوچستان جي پهرئين وزيراعليٰ قومپرست ۽ سياسي اڳواڻ سردار عطاءَ الله مينگل جو جنم 1929ع ۾ بلوچستان جي وَڍَ شهر ۾ ٿيو. پاڻ بلوچن جي شاهي زئي قبيلي جو سردار هو، کيس ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت دوران بلوچستان جي پهرئين وزيراعليٰ چونڊجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. هن سياست جي شروعات 1958ع کان نئشنل عوامي پارٽي (باني، خان ولي خان) ۾ شموليت سان ڪئي. 1970ع جي عام چونڊن ۾ نئشنل عوامي پارٽي، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي، جنهن جي نتيجي ۾ 01 مئي 1972ع تي بلوچستان جو پهريون وزيراعليٰ منتخب ٿيو. جيتوڻيڪ سندس وزارت اعليٰ جو عرصو تمام مختصر رهيو ۽ کيس 13 فيبروري 1973ع تي وزيراعليٰ جي عهدي تان دستبردار ٿيڻو پيو. تنهن هوندي به هن ٿوري وقت ۾ صوبي اندر پهرين يونيورسٽي، ميڊيڪل ڪاليج ۽ ثانوي تعليمي بورڊ قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان کان سواءِ حب (ضلعي لسٻيلي) کي صنعتي شهر بڻائڻ ۾ به سندس ڪاوشون شامل رهيون. سندس وزارت دوران عراقي سفارتخاني، اسلام آباد مان مليل هٿيارن ۽ نواب اڪبر خان بگٽيءَ طرفان لنڊن پلان جي اعلان، بلوچستان ۽ سرحد ۾ نئشنل عوامي پارٽيءَ جي حڪومت خلاف اهو تاثر پيدا ڪيو ته هي بلوچستان کي پاڪستان کان ڌار ڪرڻ/ آزادي جي تحريڪ هلائڻ جو ارادو رکي ٿي، جنهن ڪري تڏهوڪي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي بلوچستان جي صوبائي حڪومت کي تحليل ڪري اتي صدارتي نظام لاڳو ڪري ڇڏيو. ان دوران عطاءَ الله خان مينگل کي سندس ٻن ساٿين غوث بخش بزنجو ۽ خير بخش مريءَ سميت گرفتار ڪري مڇ جيل موڪليو ويو. سندن ڪيس جي جاچ پڙتال لاءِ حيدرآباد ٽربيونل نالي ڪميشن ٺاهي وئي، ان ڪميشن کي ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ بعد ضياءُ الحق ڳالهين وسيلي ختم ڪرائي 1979ع ۾ کين آزاد ڪيو.ضياءُ الحق جي دور ۾ رحيم الدين خان کي بلوچستان جو گورنر ۽ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو ته سردار عطاءُ الله مينگل جلاوطني اختيار ڪري برطانيه ۾ وڃي رهيو. 31 مارچ 1985ع تي لنڊن ۾ سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ جو بنياد وڌائين. 1995ع ۾ بلوچستان موٽي آيو ۽ بلوچستان نيشنل پارٽيءَ جو بنياد رکيائين، جيڪا صوبي جي وڏي سياسي پارٽيءَ طور سامهون آئي، جنهن جي ٽڪيٽ تان 1997ع ۾ سندس پٽ سردار اختر مينگل ڪاميابي ماڻي بلوچستان جو وزيراعليٰ ٿيو. سردار عطاءُ الله مينگل پاڪستان جي مظلوم قومن جي اتحاد ’پونم‘ جو حصو بڻيو ۽ اڳواڻي ڪئي. ان کان علاوه سندس پارٽي پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊيم ايم) جو به حصو رهي. سردار عطاءُ الله مينگل 2 سيپٽمبر 2021ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس پُٽ اختر مينگل هن وقت قومي اسيمبليءَ جو ميمبر آهي ۽ بي اين پي (مينگل) جو صدر پڻ آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو